اسلام آباد– 23 ?? جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ تاشقند پهچي ويو. پرڏيهي وزير (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪا??ونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس جي ٿيم ”رابطي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزارتي ڪا??ونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين نمائندن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ڪا??ونسل آف منسٽرز اقتصادي تعاون تنظيم جو پاليسي ساز فورم آهي جيڪو تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم جو 25 هون وزارتي ڪا??ونسل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ ٿيو هو. پاڪستان هڪ باني ميمبر طور اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ موثر علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي.