اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مد??گار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ج?? قيادت ۾ پاڪستان قائداعظم جي ويزن جي عملي تصوير بڻجي رهيو آهي، ڪرتار پور لنگهه بين المذاهب هم آهنگي جي روشن مثال ۽ پاڪستان جي امن جو پيامبر هجڻ جو ??بو?? آهي. سيڪولرازم جي نالي تي بڻجندڙ ڀارت اڄ تعصب ۽ نفرت جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، گانڌي ۽ نهرو جو هندستان بدلجندو نظ?? اچي ٿو ۽ ”هندوتواستان“ ۾ اقل??تن جي بدترين تشدد، ڏاڍ ۽ ستم جو نشانو بڻايو پيو وڃي.