اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو ته 40 سالن کان افغان عوام مسئلن جو شڪار آهي، 40 سالن کان پاڪستان افغان پناهگيرن لاءِ پنه??جا ??رو??زا کليا رکيا آهن، پاڪستان پنهنجي اندروني مسئلن جي باوجود افغان پناهگيرن لاءِ س??ائين مثبت ڪردار ادا ڪيو، افغان مسئلي جو سمو??و حل افغان قيادت جي مشاورت ۾ ئي لڪل آهي، افغانستان ۾ امن جي ذريعي لکين انسانن جون زندگيون تبديل ڪري سگهجن ٿيون، جنهن سان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي به مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾40 سالن کان رهندڙ افغان پناهگيرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.